عبدالحڪيم، مولوي 2

عبدالحڪيم، مولوي: نامور عالم ۽ خلافت تحريڪ جي اهم رڪن مولوي عبدالحڪيم ولد مولوي غلام رسول جو جنم، 10 رمضان 1318هه مطابق 1 جنوري 1901ع تي ڳوٺ راڄنپور، تعلقي اوٻاوڙي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ مان مولوي عبدالحليم کان ورتائين. ان بعد گهوٽڪيءَ ۾ قاسم العلوم مدرسي ۾ مولوي نور محمد وٽ، ڪراچيءَ ۾ مدرسي مظهرالعلوم ۾ مولانا محمد صادق کڏي واري وٽ ۽ پوءِ شڪارپور ۾ مولانا اميد عليءَ وٽ پڙهي دستاربند ٿيو. ڪجهه وقت لاءِ ديوبند پڻ ويو. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد ڳوٺ جي مدرسي ‘عثمانيه’ ۾ درس و تدريس جو سلسلو شروع ڪيائين، ان بعد ڪجهه وقت روهڙيءَ ۾ خطيب پڻ رهيو. مولوي عبدالحڪيم پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ‘خلافت تحريڪ’ ۾ حصو وٺڻ سان ڪئي. مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي صحبت ۾ رهيو. اول کان آخر تائين خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. خلافتي عالمن ‘امن سڀا’ جي روح روان مولوي فيض الڪريم ٺاروشاهيءَ جي فتويٰ واري رسالي ‘تحقيق الخلافت’ جو رد لکي شايع ڪرايو ته مولوي عبدالڪريم خلافتين جو ساٿ ڏيندي ان جي رد ۾ تصديق ڪئي. مولوي عبدالحڪيم ‘جمعيت العلماء’ جي سياسي ميدان تان وطن جي آزاديءَ لاءِ هڪ سرگرم ڪارڪن طور ڀرپور سياسي خدمتون سرانجام ڏنيون. مولوي عبدالحڪيم 22 ربيع الثاني 1357هه مطابق 21 جون 1938ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1901.01.01  عيسوي

مولوي عبدالحڪيم ولد مولوي غلام رسول جو جنم، 10 رمضان 1318هه مطابق 1 جنوري 1901ع تي ڳوٺ راڄنپور، تعلقي اوٻاوڙي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ٿيو.


1938.06.21  عيسوي

مولوي عبدالحڪيم 22 ربيع الثاني 1357هه مطابق 21 جون 1938ع تي وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي
ٺٽوي ابراهيم قاضي
ٺٽوي حسين شاهه مراد شيرازي
سيد نظر علي شاهه گدائي
حيدر علي لغاري
قاضي محمد جعفري ٺٽوي
شيخ محمد عابد انصاري سيوهاڻي
زخائو ايڊورڊ
ڇٽو آخوند
احتشام الحق ٿانوي مولانا
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون